چيني ٻولي

چيني ٻولي

چيني ٻولي

چيني ٻولي

چيني ٻولي

چيني ٻولي

چيني ٻولي

چيني ٻولي: چيني ٻولي، جمهوريه چين جي 1.3 بلين ماڻهن جي زبان آهي، پر گڏوگڏ اها ٻولي تائيوان، سينگاپور ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين به ڪيترن ڀاڱن ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. چيني ٻولي دراصل سائنو- تبتي خاندان جي هڪ شاخ آهي. جديد چيني ٻوليءَ جون صورتون ۽ لهجا وچئين دور واري چيني ٻوليءَ مان پيدا ٿيل آهن، جيڪا چين جي اتر ۽ ڏکڻ وارن شاهي گهراڻن سئي (Sui)، ٽئنگ (Tang)، سانگ (Song) ۾ 5 کان 12 صدي ق.م دوران ڳالهائي ويندي هئي.
چين جا لسانياتي ماهر ان خيال تي متفق آهن ته ’چيني‘ هڪ ئي ٻولي آهي، جيڪا ملڪ جي ڪيترن ڀاڱن ۾ مختلف لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪجهه غير چيني لسانيات جا ڄاڻو، انهن لهجن کي ڌار ڌار ٻوليون سمجهن ٿا. چيني بوليءَ جي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ فرق آهي. سڄي چين ۾ ٻوليءَ جي لکڻ جي صورت ساڳي آهي، جنهن کي زهنگون (Zhongwen) چون ٿا، جڏهن ته ڳالهائڻ ۾ گهڻو ڪري يُو (Yu) ۽ هُوا (Hua) لهجا استعمال ٿين ٿا، پر هيٺيان لهجا به عام استعمال ۾ آهن: (1) منڊيرن لهجو (Mandarian) جيڪو گهڻي آبادي ڳالهائي ٿي؛ (2) هانيو (Hanyo) يعني ’هان ٻولي‘ (Han Language) ؛ (3) پوٽونگهيا (Putonghua) يعني عام ٻولي (Common Language)، هيءَ ٻولي ئي هنن گيُويو (Guoyu) يعني قومي ٻولي (National Language) يا چيني ٻولي (Chinese Language) سڏي وڃي ٿي. هان (Han) جو لفظ چيني ماڻهن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪو 206 ق. م کان 220ع دوران انهيءَ گهراڻي (Han Dynsty) مان اخذ ڪيل آهي.
چيني ٻوليءَ جي مختلف لهجن/ صورتن کي هيٺين نمونن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: گوئان/ منڊارين (Guan/ Mandarin)، ويو (Wu)، يئي (Yue)، من (Min)، هڪا (Hakka)، زيانگ (Xiang)، گين (Gan) وغيره.
چين جي گاديءَ جي هنڌ بيجنگ جا گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو منڊرين (Mandarian) لهجو ڳالهائين ٿا. چيني ٻولي مختلف پدن (Syllables) سان لکي ويندي آهي، جيڪي آواز ۽ معنيٰ کي ظاهر ڪن ٿا. چيني ٻولي 1700 پدن (Characters) تي مشتمل آهي. هر پد جون مختلف معنائون آهن.
هڪ روايت آهي ته چيني رسم الخط ’ڪانگجي‘ (Cangjie) نالي هڪ شخص 3000 ق. م ڌاري ايجاد ڪيو. 1999ع ڌاري چين جي صوبي ’هينن‘ مان 6600 ق. م جي دؤر جون ڪجهه نشانيون دريافت ٿيون، جن جي مشابهت قديم رسم الخط سان ملندڙ هئي، جنهن بابت روايتون آهن ته اها يونان جي اپولو ديوتا غيبي طور پراڻن هڏن تي لکي آهي.
ٻيءَ روايت موجب قديم هڏن تي لکيل اها عجيب رسم الخط شانگ شاهي گهراڻي (Shang Dynsty) جي گاديءَ واري هنڌ ائنيانگ (Anyang) ۾ 1895ع ڌاري دريافت ٿي هئي. اهي نشانيون، ڍڳي جي پُٺيءَ جي هڏي ۽ ڪُميءَ جي کوپي واري حصي تي اُڪريل آهن. ان رسم الخط کي Orcale bone script سڏيو وڃي ٿو.
ڪجهه قديم نشانيون:
771 ق. م کان 476 ق. م دوران پتل جي ڪيترين شين تي هن قديم ٻوليءَ جون نشانيون اڪريل آهن، جن ۾ پکين، ڪينئن، گهنڊن ۽ کاڌي جي ديڳن وغيره تي اهي نشانيون ملن ٿيون. ان ڪري هن دؤر کي ’پتيلي رسم الخط‘ جي حوالي سان ليکيو وڃي ٿو.
ڪجهه پتل جي رسم الخط جا مثال:
هيءَ ٻولي ابتدا ۾ صرف ڪليسائن ۽ ٻين مذهبي جاين تي لکي ويندي هئي. ان رسم الخط، خوشخطيءَ جي فن طور جن شاهي گهراڻي (Jin Dynsty) جي دؤر ۾ وڏي ترقي ڪئي. ان ۾ سُڌارا آڻي، ڪجهه وڌيڪ آسان نشانين کي ڏکين نشانين بدران ڪم آندو ويو، جنهنڪري ٻولي لکڻ ۾ آسان ٿي پئي، پر جن ماڻهن کي اهو طريقو نه ٿي آيو، تن لاءِ ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڏُکي ٿي پئي هئي. مثال:
چين جي حڪومت 1949ع ڌاري خواندگيءَ جي شرح کي وڌائڻ لاءِ چيني ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ 2000 حرفن (نشانين) کي آسان بڻايو. تبديليءَ کان پوءِ اهي نشانيون اڃا سنگاپور ۾ به استعمال ٿين ٿيون، جڏهن ته تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا ۾ اڄ به پراڻي ٻولي ساڳين حرفن (نشانين) سان مروج آهي.
آسان بنائڻ کان پوءِ حرفن/ نشانن جي بيهڪ جو هڪ مثال:
ان کانپوءِ ٻيهر 1977ع ڌاري به تبديليءَ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر اهو تجربو عوام ۾ ايترو ڪامياب نه ويو، جنهنڪري 1986ع ڌاري ان کي ترڪ ڪيو ويو.
چيني ادب: قديم دور جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته چيني ادب جي شروعات يارهين صدي ق. م کان به اڳ ۾ ٿي هئي. ان دؤر جي چيني ٻولي، تحرير جي اعتبار کان تمام سادي ۽ اٽڪل 100 حرفن تي مشتمل هئي.
چين جي اوائلي ادب ۾ عوام جي سادي زندگيءَ، فطرتي مظهرن جي حوالي سان سندن دلين ۾ حيرت ۽ خوف جو اثر نظر اچي ٿو. ان دور جي هٿ آيل ڪجهه اهم تصنيفن ۾: ’شياچنگ‘ (Shih Ching) نظمن جو مجموعو، ’شوچنگ‘ (Shu-ching) چين جي تاريخ بابت ڪتاب ۽ ’اي چنگ‘ (Yi ching) (تبديلي نامو) شامل آهن. انهن قديم ادبي پارن جي ترتيب ۽ تاليف جو ڪم ڪنفيوشس (479- 551 ق.م) ڪيو.
جنگين واري زماني (414- 221 ق. م) جي هڪ مشهور تصنيف ’چو- زو‘ (Chu- Tzu) آهي، جيڪا ’ياچوءَ‘ جي شاهي سلطنت بابت هڪ رئيس ’چويان‘ (Chu- Yuan) جي نظمن جي مجموعي تي مشتمل آهي، جيڪو ان دؤر جو عظيم ۽ مشهور شاعر هو. ان ۾ هڪ شاهڪار نظم ’ساؤنامي‘ به شامل آهي، جنهن ۾ ملڪ جي حالتن، بادشاهه جي بيهودگين ۽ بد نيت وزيرن جي سازشن کي پڌرو ڪيو ويو آهي.
اورچن شاهي خاندانن (419- 220 ق. م) جي دؤر ۾ چيني ادب ۾ موضوع ۽ هيئت جي حوالي سان وڏيون تبديليون آيون. افسانوي ادب به آهستي آهستي لکجڻ لڳو. ٻُڌمت جي صحيفن ۽ مذهبي ادب جا چينيءَ ۾ ترجما ٿيڻ لڳا، جن جو چيني اديبن تي نمايان اثر نظر اچي ٿو.
ڏکڻ ۽ اتر چين جي شاهي خاندانن جي دور (420ع کان 618ع) ۾ به ادب سرجيو ويو. ڏکڻ چين ۾ سرجيل گيت گهڻي قدر عشق ۽ محبت جي جذبات بابت آهن. ان جي ابتڙ اتر چين جي شاعرن جنگ ۽ ان جي دهشت کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو.
ان کان سواءِ تانگ (Tang) نالي شاهي خاندان جو دور (618ع کان 907ع) چيني شاعريءَ جي حوالي سان سونهري دؤر سمجهيو وڃي ٿو. ان دور جي مشهور شاعرن ۾ ’لِي پُو‘ کي وڏي اهميت حاصل ٿي، جنهن ڪيترن موضوعن تي شاعري ڪئي آهي.
هن وقت به چين جو ادب ۽ فن دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو.


لفظ چيني ٻوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو